Pakistani Bloggers
Previous • Next
Random • List All
• Join •
CrickRock Webrings
Rambling on: A story by Siraj on Pakistan floods

Saturday, February 09, 2013

A story by Siraj on Pakistan floods



وڏڙن ٿي ڳالهه ڪئي ته هنن جي وڏڙن هنن سان ذڪر ڪيو ته هڪڙي ڏينهن الله سائين جي ڪچهريءَ ۾ سمورا فرشتا حاضر هئا، حڪم ٿيو ته هر فرشتو پنهنجي ڪار گذاري بيان ڪري.

سڀ کان پهرين حضرت جبرئيل عليه السلام عرض ڪيو ته يا الاهي، اوهان مون تي پيغام پهچائڻ جو ڪم رکيو هو سو سڀ کان آخري پيغام اوهان جي سڀ کان پياري رسول حضرت محمد ڪارڻي صلي الله عليه وسلم کي پهچائي آيس، تڏهن کان فرصت ئي فرصت آهي، ان فرصت ۾ اوهان جي عبادت ۾ مصروف آهيان، هاڻ جيڪو اَمُر هجي ته حاضر آهيان.

جڏهن حضرت اسرافيل عليه السلام جو وارو آيو تڏهن هن چيو ته ورهين کان مانسرو ور کان سنڌوءَ تائين ۽ سنڌوءَ کان سنڌي سمنڊ تائين سڀ درياهه، نديون، نالا، ڍنڍون، ڍورا سُڪي ٻڙهه ٿي ويا هئا، اوهان جي حڪم تي هڪڙي ئي ڦوڪ ڏني اٿم ته مانسروور کان سنڌوءَ تائين ۽ سنڌوءَ کان سنڌي سمنڊ تائين سڀ درياهه، نديون نالا ۽ ڍنڍون ڍورا تارو تار ٿي اٿلي پيا آهن، پر ويچارن سنڌين جا جهڳا جهڻ ٿي ويا آهن ۽ سندن الهه تلهه ٻهارجي ويو آهي.

ٿوري دير ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ حضرت عزرائيل عليه السلام هيئن بيان شروع ڪيو: مولا، توهان جن جو لکيو مقرر ڪيو هو، تن سمورن جا روح ته قبض ڪري ڇڏيم پر حضرت اسرافيل جيڪا ڦوڪ ڏني، ان جي ڪري الاهي سارا اڻ لکيا روح به اڏامي آيا ۽ منهنجي حساب کان چڙهي ويا آهن، جنهن جي لاءِ آءُ هٿ ادب جا ٻڌي معافي جو طلبگار آهيان.

ستين آسمان تان آواز آيو ته اسرافيل ۽ عزرائيل سنڌ ويندا ۽ اتي جي سموري صورت حال معلوم ڪري اچي بيان ڪندا.

ٻئي فرشتا اڏاڻا ۽ گهڙيءَ پل ۾ سنڌوءَ جي ڪپ تي اچي لٿا، جيئن جيئن هلندا ويا، پاڻيءَ جيڪي راڱا ڪيا هئا ان منظر هنن جون دليون دهلائي ڇڏيون، هر طرف تباهي بربادي هئي، زمين هيٺ هلي وئي هئي ۽ هر طرف پاڻي ۽ پاڻي هو، جنهن ۾ انسانن، ڍورن ۽ ويندي پکين جا لاش پئي لڙهيا، عزرائيل سڏڪڻ لڳو ۽اسرافيل اوڇنگارون ڏيڻ لڳو.

سڄي پَٽَ ۾ سُڪو ٽُڪُر خير ڪو هو، گهر تڙ، مسجدون ۽ مينارا، مدرسا ۽ شفا خانا، مڙهيون ۽ مندر، ڪليسائون ۽ ڪاليج، اوطاقون ۽ مسافرخانا، هوٽلون ۽ تندور خانا، سوين ڪتاب ۽ رسالا، ٻارن جون پٽيون ۽ تختيون، قلم ۽ مَسُ ڪُپڙيون، ڪلر باڪس ۽ ٻارڙن جون ٺاهيل تصويرون، ڦٽين جا ڪارخانا ۽ آڏاڻا، بسڪوٽ ۽ چاڪليٽ، کٽمٺڙا ۽ آئيس ڪريمون، ماڻهن ۽ جانورن جي لاشن سان گڏ لڙهنديون ٿي ويون، هڪ هنڌان ٻئي هنڌ، جتان ٿي اڏاڻا ٻنهي فرشتن کي اهڙا اهڙا منظر ڏسڻ ۾ آيا، جن هنن جون دليون سسائي ٿي ڇڏيون، سڏڪا ۽ شوڪارا ڀريندي ٿي لنگهيا، هنن سڄي سنڌ گهمي ڏٺي، جتي جتي ٻوڏ آئي هئي، اتي اهڙا ڀيانڪ منظر ٿي ڏٺائون، هر هنڌ ڪاريءَ وارا ڪک هئا، زمين، ويران ۽ ڀڙڀانگ، پاڻيءَ کي ٿي ڏوراپا ڏنا، ڳوٺ ۽ شهر ڪنهن جنگ جي بمباريءَ جو منظر بڻجي ويا هئا. انسان اهو سڀ ڪجهه ڏسندي اڌ چريا ٿي پيا هئا ۽ مٿي نهاري الله کي دانهن ڏيندا نظر آيا، هن کي پنهنجي ٻچن جا لاش ڏسي، پاڻ سان قدرت جي ويساهه گهاتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪارڻ به نظر نٿي آيو، جڏهن فرشتن جي دل ٿي ڦاٽي، هي ته ويچارا انسان هئا! هو ميار ڏين به ته ڪنهن کي!

عزرائيل ڪجهه سامت ۾ آيو، تڏهن اسرافيل کي چيائين ته مون کي اهي روح ڳڻڻا ۽ شمار ڪرڻا آهن جن جو موت لوح محفوظ تي لکيل ئي ڪونهي، هاڻ هيئن ٿا ڪريون ته سڀ قبرستان گهمي ٿا ڏسون، اتي تازين قبرن منجهان روح شمار ڪرڻ سولو ٿيندو.

جڏهن سمورا قبرستان ڏسي ورتائون، تڏهن آخري قبرستان جي ٻاهر هڪڙي قبر تي هڪڙي ننڍڙي ڏهن ٻارنهن سالن جي نينگري نظر آين، جيڪا قبر کي ڀاڪر پائي ستي پئي هئي، کنڀڙاٽين جي آواز تي جاڳي پئي.

عزرائيل پڇيس، بابلي، نالو ڇا اٿئي؟

نينگريءَ کنڀڙاٽيون پهريل فرشتا ڏسي حيران ٿي وئي، آهستي چيائين ”سنڌو“


پُٽَ هيءَ قبر ڪنهن جي آهي؟

”منهنجي مارن جي!“ هن مختصر جواب ڏنو.

هن ۾ ڪير پوريل آهن ۽ اوهان ڪير آهيو؟

اسين ٻيڙياتا آهيون، هن قبر ۾ منهنجو ابو، منهنجي امان، منهنجون ڀينر ۽ ڀائر آهن، درياهه هنن کي ٻوڙي ڇڏيو، رڳو آءُ بچي ويس، مان هر هڪ لاش کي ريڙهي، هن بند تي آندو ۽ پوءِ سڀني کي سڌو سمهاري، لپن ۾ گپ ۽ گارو کڻي هنن جي مٿان وڌو ۽ صبح کان شام تائين قبر ٺهي وئي! پر اوهين ڪير آهيو؟

اسين ٻئي الله جا فرشتا آهيون، اسرافيل پاٻوهه مان چيو.

”پوءِ توهان کي ته خبر هوندي ته هن ڪاري قيامت کان پوءِ وڏي قيامت ڪڏهن ايندي؟“ نينگريءَ نهايت معصوميت مان سوال ڪيو.

اسان کي به خبر ڪانهي، پر تون قيامت جو ڇو پئي پڇين؟ عزرائيل سوال ڪيو

گهڙي پل لاءِ نينگري ماٺ ٿي وئي، پوءِ هڪ وڏو ساهه کڻي چيائين: جيئن ڀٽائيءَ به چيو هو، ”درياهه تو تي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي“ تيئن آءُ به قيامت ڏينهن درياهه تي دانهن ڏيندس.

 
ٻئي فرشتا ڄڻ بت بڻجي ويا، هنن کي پنهنجي کنڀڙاٽين ۾ باهه جو تئه محسوس ٿيو ۽ وٺي اڏاڻا.

ستين عرش تي پهچي، اسرافيل، عزرائيل کي چيو ته عزرائيل تون ته روحن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب ٻڌائي آ جو ٿي ويندين، پر جڏهن منهنجو وارو آيو، تڏهن مون کي اها ڳڻتي ورائي وئي آهي ته منهنجو بيان ٻڌي، مون جيڪي ڏٺو آهي، ان جو ذڪر ٻڌي الله سائين لڙڪ نه لاڙي وجهي!